AhlulBayt News Agency

source : al Mustafa
Tuesday

27 January 2015

11:03:03 AM
667486

Full Text;

Message of Ayatollah Khamenei to the Youth in Europe and North America in SINDH

Message of Ayatollah Khamenei to the Youth in Europe and North America in SINDH

بسم الله الرحمن الرحيم

يورپ ۽ شمالي آمريڪا جي سڀني جوانن ڏانهن هڪ پيغام

فرانس جي هاڻوڪن واقعن ۽ ڪجهه ٻين مغربي ملڪن ۾ ان قسم جي واقعن مون کي ان ڳالهه تي آمادهه ڪيو ته آءُ ان بابت اوهان سان سڌو سنئون رابطو ڪري ڳالهايان. مان اوهان جوانن سان ڳالهائي رهيو آهيان. ان جي اها وجهه ناهي ته مان اوهان جي والدين کي نظر انداز ڪري رهيو آهيان. بلڪه ان لاءِ ته مان اوهان جي قوم ۽ اوهان جي ملڪ جون واڳون مستقبل ۾ اوهان جي هٿن ۾ ڏسي رهيو آهيان ۽ حقيقت طلبي واري حس جو اوهان جي دلين جي گهرائي ۾ جاندار مشاهدو ڪري رهيو آهيان. هن لکت ۾ منهنجو خطاب اوهان جي سياستدانن ۽ حڪومتي اهلڪارن سان ناهي ڇو جو مون کي يقين آهي ته انهن مڪمل طور تي آگاهي سان سياست وارو رستو صداقت ۽ سچائي کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي.

منهنجي اوهان سان ڪچهري اسلام بابت آهي خاص طور تي اسلام جي ان شڪل و صورت ۽ تصوير بابت جيڪا اوهان جي اڳيان پيش ڪئي ويندي آهي. گذريل ٻن عشرن کان يعني تقريبن روس جي ٽٽڻ کان پوءِ هتي تمام گهڻي ڪوشش ۽ جاکوڙ ڪئي وئي آهي ته جيئن هن عظيم دين کي خطرناڪ دشمن جي جڳهه تي پيش ڪيو وڃي. افسوس آهي جو مغربي سياسي تاريخ ۾ وڏي عرصي کان رعب ۽ نفرت جي احساس کي ڀڙڪائڻ ۽ ان مان فائدو حاصل ڪرڻ واري پاليسي جاري آهي. مان هتي مغربي قومن اڳيان مختلف ۽ متنوع قسمن جي خوف ۽ حراس جي تفصيل پيش ڪرڻ نه ٿو چاهيان. اوهان پاڻ تاريخ بابت هاڻوڪي تنقيدي مطالعي جو مختصر جائزو وٺڻ کان پوءِ مشاهدو ڪندؤ ته جديد تاريخ نگاري ۾ دنيا جي ٻين قومن ۽ ٻين ثقافتن سان مغربي حڪومتن جي غلط، ڪوڙي ۽ مڪاري واري سلوڪ جي مذمت ڪئي وئي آهي. آمريڪا ۽ يورپ جي تاريخ غلامي جي سلسلي ۾ شرمندهه آهي، استعمار جي دور سبب ان جو سر جهڪيل آهي، ڪارن ۽ غير عيسائين تي ظلم ۽ ستم کان اها شرمندهه آهي. ڪئٿوليڪ ۽ پروٽسٽان جي درميان مذهب جي نالي تي رت جي راند يا پهرئين ۽ ٻئي عالمي جنگ ۾ نسل ۽ قوميت جي نالي تي رت وهائڻ سبب اوهان جي تاريخدانن ۽ محققن جا مٿا شرم وچان جهڪيل آهن.

هي ڳالهه بذات خود هڪ سٺي ۽ تعريف جوڳي ڳالهه آهي ۽ ان ڊگهي فهرست مان منهنجو مطلب تاريخ جي سرزنش ۽ مذمت ناهي بلڪه مان اوهان کان اهو چاهيان ٿو ته اوهان پنهنجي روشن فڪر ماڻهن کان پڇو ته مغرب ۾ ماڻهن جو ذهن ۽ ضمير ڪيترن ئي يا سوين سالن کان پوءِ ڇو بيدار ٿيندو آهي؟ ضميرن ۾ ماضي بعيد جي جڳهه تي رزانه وارن مسئلن جي باري ۾ نظر ثاني ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟ اسلامي فڪر ۽ ثقافت سان ڪهڙي نموني پيش اچجي جهڙن اهم مسئلن جي فروغ ۾ رڪاوٽ ڇو پيدا ڪئي ويندي آهي ۽ عوام تائين اها ڄاڻ ڇو پهچائي نه ويندي؟

اوهان چڱي ريت ڄاڻيو ٿا ته تحقير، نفرت ۽ ٻين بابت خيالي ۽ وهمي خوف ۽ هراس پيدا ڪرڻ، ظالمن ۽ ستمگرن جي مفادات جي گڏيل راهه رهي آهي.

هاڻي مان چاهيان ٿو ته اوهان پنهنجي پاڻ کان سوال پڇو ته هن ڀيري غير معمولي شدت سان خوف پيدا ڪرڻ ۽ نفرت ڦهلائڻ واري پراڻي سياست، اسلام ۽ مسلمانن کي ڇو نشانو بڻائي رکيو آهي؟ ڇو دنيا جي قدرت طلب طاقتن جي چاهت آهي ته اسلام پاسي تي ٿي وڃي. اسلام جا ڪهڙا اقدار values ۽ مفاهيم  انهن وڏين طاقتن جي منصوبن لاءِ خطرو آهن ۽ اسلام جي غلط شڪل ۽ صورت پيش ڪرڻ ۾ انهن جي ڪهڙن مفادن کي تحفظ ملندو؟ تنهن ڪري منهنجو پهريون مطالبو اهو آهي ته اوهان اسلام خلاف وڏي پئماني تي پروپئگنڊا جي سببن بابت تحقيق ۽ تلاش ڪريو.

منهنجو ٻيو مطالبو اهو آهي ته اسلام جي خلاف منفي قضاوت ۽ پروپئگنڊا جي ڪثرت جي رد عمل طور اوهان اسلام بابت سڌي سنئين معلومات حاصل ڪريو تنهن ڪري صحيح ۽ سالم منطق اها آهي ته اوهان گهٽ ۾ گهٽ اهو ڄاڻي وٺو ته جنهن شي کان اوهان کي ڊيڄارين ٿا ان جي حقيقت ۽ ماهيت ڇا آهي؟ مان ان ڳالهه تي اصرار نه ٿو ڪريان ته اسلام بابت جيڪو منهنجو نڪتي نظر آهي اوهان ان کي قبول ڪريو. بلڪه مان اهو ٿو چوان ته اوهان ڪنهن کي به اجازت نه ڏيو ته اڄ جي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مؤثر حقيقت کي آلودهه اغراض و مقاصد تحت اوهان جي اڳيان غلط بڻائي پيش ڪري. اوهان کين ان ڳالهه جي اجازت نه ڏيو ته اهي رياڪري ڪندي پنهنجي نوڪر دهشتگردن کي اسلام جو نمائيندو بڻائي پيش ڪن. اوهان اسلام کي ان جي اصلي مآخذ ۽ بنيادن منجهان سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪريو. اسلام کي قرآن مجيد ذريعي ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم جي حيات طيبه جي ذريعي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪريو. منهنجو اوهان کان سوال آهي ته ڇا اوهان اڄ تائين مسلمانن جي قرآن ڏانهن سڌو سنئون مراجعو ڪيو آهي؟

ڇا اوهان پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي تعليمات ۽ ان جي زندگي جي اخلاقي ۽ انساني رخن جو مطالعو ڪيو آهي؟ ڇا اوهان ميڊيا کان علاوهه اسلام جي پيغام کي ڪنهن ٻئي ذريعي وٽان ورتو آهي؟ ڇا اوهان ڪڏهن پنهنجي پاڻ کان سوال ڪيو آهي ته انهيءَ اسلام ڊگهي عرصي دوران ڪهڙن قدرن values جي بنياد تي دنيا جي فڪري ۽ علمي ثقافت کي فروغ ڏنو ۽ وڏن مفڪرن ۽ عظيم دانشورن جي تربيت ڪئي؟

منهنجي اوهان کان اها گُهر آهي ته اوهان اجازت نه ڏيو ته اهي سست ۽ غلط ڳالهين ذريعي اوهان جي اندر اهڙو احساس ۽ جذبو پيدا ڪن ۽ اهڙي ريت اوهان کان منصفاڻي قضاوت جي صلاحيت کي سلب ڪن. اڄ رابطي جي ذريعن جاگرافيائي سرحدون ختم ڪري ڇڏيون آهن. اوهان اجازت نه ڏيو ته اهي اوهان کي ذهني ۽ هٿرادو سرحدن ۾ قيد ڪري ڇڏين. جيتوڻيڪ ڪو شخص انفرادي طور تي وجود ۾ آيل خال ڀري نه ٿو سگهي ليڪن اوهان جوانن منجهان هر هڪ پنهنجي چوڌاري واري ماحول ۾ آگاهي جي غرض سان ان خال مٿان فڪر ۽ انصاف جو پل رکي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ اهو چئلينج، اسلام ۽ اوهان جوانن درميان پهريان کان طئي ٿيل منصوبي سبب اڻوڻندڙ آهي. ليڪن اوهان جي حقيقت طلب ۽ جاکوڙي ذهن ۾ نوان سوال پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ اوهان وٽ انهن سوالن جا جواب ڳولڻ جو موقعو غنيمت آهي جنهن ۾ اوهان اڳيان حقيقتون ظاهر ٿي وينديون، تنهن ڪري اسلام بابت صحيح ڄاڻ ۽ سمجهه جي سلسلي ۾ هن موقعي کان ڀرپور فائدو حاصل ڪريو ته جيئن حقيقت تائين پهچڻ لاءِ اوهان جي ذميوارانه احساس سبب ايندڙ نسل انهي تاريخي عرصي ۾ اسلام ۽ مغرب جي هڪٻئي سان روئي بابت سڪون ۽ آرام سان لکي سگهن.

 

سيد علي خامنه اي

22 جنوري 2014 ع