Full Text;

Second Message of Ayatollah Khamenei to the Western Youth in Sindhi

Second Message of Ayatollah Khamenei to the Western Youth in Sindhi .

رهبر معظم حضرت آيت الله العظي سيد علي خامنه اي جو ٻيون خط

حضرت آيت الله خامنه اي مغربي ملڪن جي سڀني جوانن ڏانهن خط ۾، فرانس وارن تلخ دهشتگردي واري حادثن کي همفڪري لاءِ مقدمو ڪوٺيو ۽ اسلامي دنيا ۾ ڪجهه وڏين طاقتن جي حمايت سان وجود ۾ ايندڙ دهشتگردي جي آثار، اسرائيل جي سرڪاري دهشتگردي جي پٺڀرائي ۽ عالم اسلام تي هلندڙ سالن ۾ ڪيل تباهي مچائيندڙ  لشڪر ڪشي جهڙا درد ڀريا مثال ڏيندي جوانن کي مخاطب ٿي فرمايو: منهنجو اوهان جوانن کان اهو مطالبو آهي ته صحيح سڃاڻپ جي بنياد تي ۽ گهري تدبر سان ۽ اڻوڻندڙ تجربن مان سبق حاصل ڪندي اسلامي دنيا سان عزت ڀرئي ۽ صحيح تعلق جي بنياد رکو.

رهبر انقلاب اسلامي جي خط جو سنڌي ترجمو پيش ڪجي ٿو:

 

بسم الله الرحمن الرحيم

مغربي ملڪن جي سڀني جوانن جي نانءُ

انڌي دهشتگردي فرانس ۾ جيڪي تلخ سانحا وجود ۾ آندا. انهن سانحن مون کي هڪ ڀيرو ٻيهر اوهان جوانن سان گفتگو تي اڀاريو. منهنجي لاءِ اهو افسوس جو مقام آهي ته اهڙي قسم جا واقعا گفتگو جو سبب ٿين. ليڪن حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن درد ڀريا مسئلا، انهن جي راهه حل جي زمين ۽ همخيالي جو ميدان فراهم نه ڪن ته ٻيڻو نقصان ٿيندو. دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود هر انسان جو ڏک پاڻهي ئي ٻين انسانن لاءِ رنج رسائيندڙ آهي. ان ٻار جو منظر جيڪو پنهنجي عزيزن جي سامهون مري ويندو آهي، اها ماءُ جنهن جي خاندان جي خوشي ڏک ۾ تبديل ٿي ويندي آهي، اهو مڙس جيڪو پنهنجي گهرواري جو بي روح جسم کڻي ڪنهن پاسي ڊوڙي رهيو آهي، يا اهو تماشائي جنهن کي معلوم ناهي ته ڪجهه لمحا بعد پنهنجي زندگي جو آخري سين ڏسندو. هي اهڙا منظر ناهن جيڪي ڏسڻ واري جي جذبات ۽ احساس کي اڀاري نه وجهن. جنهن جي اندر به انسانيت ۽ محبت جو هڪ ذرو به آهي اهي منظر ڏسي متاثر ۽ ڏکارو ٿيندو چاهي اهي فرانس ۾ رونما ٿين چاهي فلسطين ۽ عراق ۽ لبنان ۽ شام ۾.

 

يقينن ڏيڍ عرب مسلمانن جا اهي ئي احساسات آهن ۽ اهي انهن المين جو سبب ٿيندڙن ۽ ذميوارن کان بيزار ۽ انهن سان نفرت ڪندڙ آهن. ليڪن مسئلو اهو آهي ته جيڪڏهن اڄوڪا اهي ڏک ۽ غم زيادهه محفوظ ۽ بهتر مستقبل جي تعمير جو بنياد نه بڻجن ته انهن جي حيثيت ڪڙي ۽ بي ثمر يادن تائين محدود رهجي ويندي. مون کي يقين آهي ته صرف اوهان جوان ئي آهيو جيڪي اڄوڪين ناسازگار حالتن کان سبق حاصل ڪري مستقبل جي تعمير جون نئون واٽون ڳولي سگهو ٿا ۽ ان انحراف ۽ بيراهه روي کي روڪي سگهو ٿا جنهن مغرب کي اڄ ان مقام تي پهچايو آهي.

 

اهو صحيح آهي ته اڄ دهشتگردي اوهان ۽ اسان جو گڏيل درد آهي. ليڪن اوهان کي اهو معلوم هجڻ گهرجي ته آخري حادثن ۾ اوهان جنهن بدامني ۽ پريشاني ۾ مبتلا ٿيا، ان رنج و الم ۽ پريشاني جنهن کي عراق، يمن، شام ۽ افغانستان جو عوام سالن کان برداشت ڪري رهيو آهي کان مختلف آهي. ٻنهي ۾ ٻه بنيادي فرق موجود آهن. هڪ اهو ته اسلامي دنيا ۾ اڪثر جاين تي تمام گهڻي مدت کان ماڻهن کي ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو ويو آهي. ٻيو اهو ته  بد قسمتي سان ان تشدد جي هميشهه ڪجهه وڏين طاقتن پاران مختلف طريقن سان ۽ موثر انداز ۾ حمايت ٿيندي رهي آهي. اڄ شايد ئي ڪو شخص هجي جنهن کي طالبان، القاعده ۽ ان منحوس سلسلي جي ڪڙين جي تشڪيل، انهن کي مضبوط بڻائڻ، ۽ اسلحو فراهم ڪرڻ ۾ گڏيل آمريڪي رياستن جي ڪردار جي آگاهي نه هجي. ان سڌي سنئي پشت پناهي سان گڏوگڏ، تڪفيري دهشتگردي جا ڄاتل سڃاتل ۽ وڏي واڪي حامي سڀ کان وڌيڪ پوئتي پيل سياسي نظام رکڻ باوجود هميشهه مغربين جي اتحادين جي صف ۾ شامل رهيا آهن. جڏهن ته علائقي ۾ اسرندڙ جمهوريت کان نڪرندڙ سڀ کان وڌيڪ روشن ۽ سڀ کان وڌيڪ پيشرفته نظرين کي بيرحمي سان چٿيو ويو آهي. عالم اسلام ۾ بيداري جي تحريڪ سان مغرب جو ٻٽو معيار مغربي سياستن جي تضاد جو چٽو ثبوت آهي.

 

ان تضاد جو هڪ ٻيو روپ اسرائيل جي سرڪاري دهشتگردي جي پٺڀرائي ۾ ڏسي سگهجي ٿو. فلسطين جو مظلوم عوام  سٺ سالن کان وڌيڪ عرصي کان بدترين دهشتگردي جو مقابلو ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن اڄ يورپ جو عوام ڪجهه ڏينهن پنهنجي گهرن ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ۽ رش وارين جاين تي وڃڻ کان پرهيز ڪري رهيو آهي ته هڪ فلسطيني خاندان ڪيترن ئي سالن کان ايستائين جو پنهنجي گهر ۾ به صيهوني حڪومت جي تخريب ۽ قتل و غارت جي مشين کان محفوظ ناهي. اڄ قسي القلبي جي شدت جي لحاظ کان ڪهڙو تشدد آهي جنهن جي ڀيٽ صيهوني حڪومت جي ڪالونين جي تعمير سان ڪئي وڃي؟ هي ظالم حڪومت پنهنجي با اثر حامين يا ظاهري طور تي خود مختيار نظر ايندڙ بين الاقوامي ادارن جي طرفان ڪنهن موثر ۽ سنجيدهه سرزنش جو شڪار ٿيڻ بغير، روزانو فلسطينين جي گهرن کي ڊاهي رهي آهي، انهن جي باغن ۽ ٻنين کي تباهه ڪري رهي آهي. ايستائين جو انهن کي زندگي جا ساز و سامان ڪنهن ٻئي جاءِ تي منتقل ڪرڻ يا ٻنين مان فصل لڻڻ جي اجازت به نه ٿي ڏئي. اهو سڀ ڪجهه عام طور تي عورتن ۽ ٻارن جي هراسيل نگاهن ۽ لڙڪ ڀريل اکين اڳيان ٿيندو آهي، جيڪي پنهنجي خاندان جي ماڻهن کي مار کائيندي، زخمي ٿيندي ۽ ڪڏهن ڪڏهن تشدد گهرن ڏانهن منتقل ٿيندي ڏسي رهيا هوندا آهن. ڇا اڄ جي دنيا ۾ اوهان ايتري وڏي پئماني تي، ان مقدار ۾ ۽ لڳاتار انجام پائيندڙ ڪنهن ٻئي قساوت قلبي کان واقف آهيو؟ مٿي کان پيرن تائين هٿيارن سان مسلح فوجي جي سامهون صرف اعتراض ڪرڻ جي جرم ۾ وچ روڊ تي هڪ عورت کي گولين سان پروڻ ڪري ڇڏڻ جيڪڏهن دهشتگردي ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ اهو ظلم ڇو جو هڪ غاصب حڪومت جا فوجي انجام ڏيئي رهيا آهن ته ڇا ان کي انتها پسندي نه ٿو ڪوٺي سگهجي؟ يا صرف ان بنياد تي ته اهي تصويرون سٺ سالن کان بار بار ٽي وي اسڪرينن تي نظر اينديون رهيون آهن اسان جي ضميرن کي نه جهنجهوڙين!

 

آخري سالن ۾ عالم اسلام تي حملا جن ۾ بيشمار ماڻهو مئا آهن، مغرب جي ٻٽي پاليسي جو هڪ ٻيو مثال آهن. حملي جو شڪار ٿيندڙ ملڪن جو جاني نقصان ته ٿيو ئي آهي، ان کان علاوهه انهن جو اقتصادي ۽ صنعتي نظام ۽ ڍانچو تباهه ٿيو آهي. ترقي ڏانهن انهن جي سبقت وارو عمل ڍرو ٿي ويو آهي يا صفا رڪجي ويو آهي. ڪجهه معاملن ۾ اهي سالن جا سال پوئتي ٿي ويا آهن ان جي باوجود گستاخي سان انهن کي چيو وڃي ٿو ته پاڻ کي مظلوم نه سمجهن. اهو ڪيئن ممڪن آهي جو ڪنهن ملڪ کي تباهه و برباد ڪيو وڃي، ان جا شهر ۽ ڳوٺ مٽي جي ڍڳن ۾ تبديل ڪيا وڃن ۽ بعد ۾ اتان جي رهواسين کي چيو وڃي ته توهان مهرباني ڪري پاڻ کي مظلوم نه سمجهو! سانحن کي ڀلائي ڇڏڻ ۽ انهن کي ڪجهه به نه سمجهڻ جي دعوت ڏيڻ بجاءِ ڇا سچائي سان معذرت ڪري ڇڏڻ بهتر ناهي؟ انهن سالن جي دوران عالم اسلام کي حملو ڪندڙن جي ٻٽي معيار ۽ هٿرادو روپ مان جيڪو رنج رسيو آهي اهو مادي نقصان کان گهٽ ناهي.

 

مانورا جوانو! مان اميد ٿو ڪريان ته اوهان هن وقت يا مستقبل ۾ فريب ۽ ڌوڪي سان آلودهه ان ذهنيت کي تبديل ڪندو، ان ذهنيت کي جنهن جو هنر ڊگهي عرصي وارن مقصدن کي ڇپائڻ ۽ هاڃيڪار اغراض و مقاصد کي سنواري پيش ڪرڻ آهي. منهنجي نظر ۾ سلامتي ۽ سک قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ پهريون مرحلو ان تشدد انگيز فڪر ۽ سوچ جي اصلاح ڪرڻ آهي. جيستائين مغرب جي سياست تي ٻٽا معيار غالب رهندا، جيستائين دهشتگردي جا حامي ان کي سٺي ۽ خراب دهشتگردي ۾ تقسيم ڪندا رهندا ۽ جيستائين حڪومتن جي مفادات کي انساني ۽ اخلاقي اقدار تي ترجيح ڏني ويندي ان وقت تائين تشدد جي پاڙن کي ڪنهن ٻئي جاءِ تي ڳولڻ جي ضرورت ناهي.

افسوس جي ڳالهه آهي جو هي پاڙون سالن جي ان ڳچ عرصي ۾ آهستي آهستي مغرب جي ثقافتي پاليسين جي گهراين تائين ڦهلجي ويون آهن ۽ هڪ خاموش ۽ غير محسوس ڪاهه ۽ حملي جو رستو هموار ڪيو اٿن. دنيا جا گهڻا ئي ملڪ پنهنجي قومي ۽ مقامي ثقافت تي ناز ڪندا آهن، انهن ثقافتن تي جيڪي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ ۽ واڌ ويجهه جي عالم ۾ سوين سالن کان انساني معاشرن کي ڀلي نموني سيراب ڪنديون آيون آهن. عالم اسلام به ان کان الڳ ناهي. ليڪن دور حاضر ۾ مغربي دنيا جديد وسائل جي مدد سان دنيا جي ثقافتن کي هڪ جهڙو بڻائڻ تي بضد آهي. مان ٻين قومن تي مغربي ثقافت مسلط ڪرڻ ۽ خودمختيار ثقافتن کي هلڪو سمجهڻ کي هڪ خاموش ۽ بيحد نقصانڪار تشدد سمجهان ٿو.

 

مالا مال ثقافتن جي تحقير ۽ انهن جي مان ڀرين پهلوئن جي توهين ان وقت وجود ۾ ايندي آهي  جڏهن ان جي جڳهه تي ايندڙ ثقافت ڪنهن به عنوان سان سندس جانشيني جي صلاحيت نه رکندي هجي. مثال طور ٻه عنصر جارحاڻو رويو ۽ بد اخلاقي جيڪي بدقسمتي سان مغربي ثقافت جا بنيادي رڪن بڻجي چڪا آهن ان جي مقبوليت ۽ حيثيت کي خود ان مقام تي ختم ڪرڻ جو سبب بڻيا آهن جتي اها وجود ۾ آئي آهي. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن اسان روحانيت کان جدا، تشدد پسند ۽ فحاشي جي ثقافت کي قبول نه ڪريون ته ڇا اسان گنهگار آهيون؟ جيڪڏهن اسان ان تباهي مچائيندڙ ٻوڏ جو رستو روڪي ڇڏيون جيڪا نالي ماتر آرٽ جي مختلف صورتن ۾ اسان جي نوجوانن ڏانهن رواني ڪئي ٿي وڃي ته ڇا اسان جرم ڪيو آهي؟ مان ثقافتي ڳانڍاپن جي مقام ۽ مرتبي جو انڪاري ناهيان. اهي ڳانڍاپا جڏهن به فطري حالتن ۾ ۽ ميزبان معاشري جي احترام سان گڏ قائم ٿيندا آهن انهن سان ترقي، بلندي ۽ بي نيازي ملندي آهي. ان جي بر عڪس اڻ برابر ۽ مسلط ڪيل ڳانڍاپا ناڪام ۽ نقصانڪار ثابت ٿيا آهن. مون کي نهايت افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته داعش جهڙا پست ۽ ڪريل ٽولا انهن ناڪام ڳانڍاپن ۽ اوپري ثقافت جي پيداوار آهن. جيڪڏهن خرابي حقيقت ۾ عقيدتي هجي ها ته استعماري دور کان اڳ به عالم اسلام ۾ اهڙا ٽولا ظاهر ٿين ها، جڏهن ته تاريخ ان جي برعڪس جي شاهد آهي. مسلمه تاريخي حقائق مان واضح طور تي معلوم ٿئي ٿو ته ڪهڙي ريت هڪ استعمار ۽ افراطي رد ٿيل تفڪر اهو به هڪ ڳوٺائي قبيلي جي وچ ۾ ملي ڪري ان علائقي ۾ انتها پسندي جو ٻج ڇٽيو؟ ورنه ڪهڙي ريت ممڪن هئو ته دنيا جي سڀ کان وڌيڪ اخلاق واري سڀ کان وڌيڪ انسان دوست مڪتب فڪر مان جنهن جي بنيادي متن ۾  هڪ انسان جي جان وٺڻ کي سڄي بشريت جي قتل سان مساوي قرار ڏنو ويو آهي داعش جهڙو ڪچرو ٻاهر اچي؟

 

ٻئي پاسي اهو سوال به ڪرڻ گهرجي ته اهي ماڻهو جيڪي يورپ ۾ پيدا ٿيا ۽ انهي ماحول ۾ فڪري ۽ نفسياتي پرورش پاتائون، ان قسم جي ٽولن ڏانهن ڇو مائل ٿي رهيا آهن؟ ڇا اهو تسليم ڪري سگهجي ٿو ته ڪجهه ماڻهو جنگ زدهه علائقن جو هڪ ٻه سفر ڪري هڪ ڀيرو ايترا انتها پسند بڻجي وڃن جو پنهنجي ئي وطن وارن تي گولين جو مينهن وسائن؟ تشدد سان پيدا ٿيل آلودهه ماحول ۾ پوري زندگي فاسد ثقافتي خوراڪ جي تاثير کي هرگز ڀلائڻ نه گهرجي، ان سلسلي ۾ جامع تجزيو ڪرڻ گهرجي،

اهڙو تجزيو جنهن سان معاشري جي ظاهر ۽ لڪيل آلودگين کي معلوم ڪجي. شايد صنعتي ۽ اقتصادي ترقي جي سالن ۾ اڻ برابري ۽ ڪڏهن ڪڏهن قانوني ۽ هٿرادو تفريق جي نتيجي ۾ مغربي معاشرن جي ڪجهه طبقن اندر ڇٽيل گهري نفرت اهڙيون ڳنڍيون ۽ رڪاوٽون ايجاد ڪيون آهن جيڪي وقفي وقفي سان ان بيمار شڪل ۾ کلن ٿيون.

 

بهرحال اوهان کي ئي پنهنجي معاشري جي ظاهري پردن کي کولي ڪري ڳنڍين ۽ ڪينن کي ڳولي ختم ڪرڻو آهي. خلا کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ کان ان کي پر ڪرڻ گهرجي. دهشتگردي سان مقابلي ۾ سڀ کان وڏي غلطي تڪڙو رد عمل آهي جيڪو موجودهه فاصلا اڃا وڌائيندو آهي. تڪڙ ۽ جلدبازي ۾ کنيل هر قدم جيڪو يورپ ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ مسلم برادري جنهن ۾ لکين فعال ۽ ذميدار انسان شامل آهن کي جدائي، ڊپ ۽ پريشاني ۾ مبتلا ڪري، انهن کي ماضي کان به وڌيڪ انهن جي بنيادي حقن کان محروم ڪري ۽ معاشري جي اصلي ڌاري کان پري ڪري، اهو نه صرف ايترو ته مشڪل جو حل ناهي بلڪه فاصلن ۾ وڌيڪ گهرائي ۽ نفرتن ۾ وڌيڪ اضافي جو سبب بڻجندو. سطحي ۽ انتقامي تدبيرون خاص طور تي جيڪڏهن انهن کي قانوني جواز به فراهم ڪيو وڃي ته ان جو نتيجو موجودهه پولرائيزيشن ۾ وڌيڪ اضافو ۽ مستقبل جي بحرانن جو رستو هموار ٿيڻ کان علاوهه ٻيو ڪجهه به نه نڪرندو. مليل اطلاعن مطابق ڪجهه يورپي ملڪن ۾ اهڙا قانون بڻايا ويا آهن جيڪي شهرين کي مسلمانن جي جاسوسي ڪرڻ جو شوق ڏيارين ٿا. اهو سلوڪ ۽ رويو جارحاڻو آهي ۽ اسان سڀ ڄاڻيون ٿا ته ظلم آخرڪار (پاڻ ظالم ڏانهن) موٽي اچڻ جي خاصيت رکي ٿو. ٻيو اهو ته مسلمان ان ناقدري جا حقدار ناهن. مغربي دنيا صدين کان مسلمانن کي سٺي نموني سڃاڻي ٿي. ان دور ۾ به جڏهن اهل مغرب اسلامي سرزمين ۾ مهمان بڻجي آيا ۽ صاحب خانه جي دولت تي انهن جون نگاهون کپي ويون ۽ ان دور ۾ به جڏهن اهي ميزبان هئا ۽ انهن مسلمانن جي فڪر ۽ عمل مان استفادو ڪيو. انهن اڪثر مهرباني ۽ رواداري کان علاوهه ڪجهه نه ڏٺو آهي. ان آڌار مان اوهان جوانن کي گزارش ٿو ڪريان ته هڪ صحيح سڃاڻپ ۽ گهري نگاهه جي بنياد تي ۽ اڻوڻندڙ تجربن مان سبق پرائيندي عالم اسلام سان صحيح ۽ مانائتي سلوڪ جي بنياد رکو. ائين ٿيو ته اهو ڏينهن ڏور ناهي جڏهن اوهان ڏسندو ته ان نتيجي جي بنياد تي تعمير ڪيل عمارت پنهنجي معمارن جي مٿي تي اعتماد ۽ اطمينان جو سايو ڪيون بيٺي آهي. کين تحفظ ۽ سک جي توانائي عطا ڪري رهي آهي ۽ روءِ زمين تي روشن مستقبل جي اميدن جي روشني ڦهلائي رهي آهي.

 

سيد علي خامنه اي

29 نومبر 2015 عيسوي


Related Articles

Post your comments

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Imam Khamenei demands immediate end to domestic wars in Islamic countries in his Hajj 2017 message
پیام امام خامنه ای به مسلمانان جهان به مناسبت حج 2016
We are All Zakzaky
telegram